پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي ليول جي ڳالهين جي شروعات

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي ليول ڳالهين جي شروعات ٿي وئي.

پاڪستان طرفان ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ آءِ ايم ايف جو نيٿن پورٽر وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي.

ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين به شريڪ پاڪستان جي وفد ۾ شريڪ.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي گرين انيشئيٽيو تحت موسمياتي تبديلي بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ پي ايس ڊي پي خرچن ۽ ڪٽوتي بابت ڳالهيون ٿينديون.

Related posts

Leave the first comment