چڪ (ويب ڊيسڪ) چڪ ڀرسان پراسرار نموني گم ٿيل 6 ڳوٺاڻن مان چئن ڄڻن جي اغوا جي تصديق.
هٿياربند ڳوٺ عيسيٰ ٽانوري واسي ٻن ڳوٺاڻن کي اغوا بعد ٿوري پنڌ تي ڇڏي چئن ڄڻن کي کڻي ويا.
اغوا ٿيلن ۾ عبدالوحيد ٽانوري، عرفان ٽانوري، راهب ٽانوري ۽ عبدالقادر ٽانوري شامل آهن.
واقعي بعد مغوين جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، پوليس مغوين جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.




