اسلام آباد (نيشل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مختلف چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي.
پ پ جمهوريت تي يقين رکي ٿي، ٻين ملڪن ۾ به جمهوريت مضبوط نه رهي آهي. پ پ پنهنجي دور ۾ مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جو ميثاق جمهوريت ۾ اهم ڪردار هو، پيپلز پارٽي اڪثريت ۾ نه آهي ۽ نه ئي فيصلا ڪري سگهي ٿي.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته قومي سياست ۾ ضرورت پوڻ تي پ پ ساٿ ڏنو آهي.
عدالتن کان جيل مينيو ۾ تبديلي جون اپيلون ڪيون پيون وڃن، پي ٽي آءِ باني جي دور ۾ پڦيءَ کي گرفتار ڪيو ويو، سياسي طور ڪنهن کي نشانو بڻائڻ جا حامي ناهيون.




