ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جو رمانڊ نه ڏيندڙ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج کان انتظامي اختيار واپس وٺڻ جو حڪم.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
وقتي پراسيڪيوٽر جنرل موجب عدالت رڪارڊ ٽيمپرنگ جي الزامن بعد جج کان اختيار واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي آهي.



