ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار پيڪا ايڪٽ خلاف درخواست تي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مهلت طلب ڪري ورتي.
وقتي چيف جسٽس جنيد غفار چيو ته هي ته آئيني بينچ جو ڪيس ٺهي ٿو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪيس آئيني بينچ جو ناهي پر عدالت کان ڊڪلريشن گهري وئي آهي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته هي ڪيس بنيادي حقن جي آرٽيڪل 19 اَي جو نه هجي ها ته اڄ ئي رد ڪيو وڃي ها.
عدالت پيڪا ترميم خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ آئيني بينچ کي اماڻيندي ڌرين کي آئيني بينچ آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.




