سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

جي ڊي اَي پاران حڪومت مخالف اتحاد جو حصو بڻجڻ بابت فيصلي لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جي ڊي اَي پاران حڪومت مخالف اتحاد جو حصو بڻجڻ يا نه بڻجڻ بابت فيصلي لاءِ ڪميٽي قائم.

ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار رحيم، زين شاهه ۽ حسنين مرزا شامل.

جي ڊي اَي جي ڪميٽي سان ڳالهين لاءِ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران سلمان اڪرم راجا، صاحبزادا حامد رضا، ناصر شيرازي، حليم عادل شيخ، ساجد ترين ۽ اخونزادا حسين يوسف زئي نامزد.

تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سان ٿيندڙ ڳالهين بابت جي ڊي اي ڪميٽي پنهنجي قيادت کي آگاهي ڏيندي.

Related posts

Leave the first comment