سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

چيمپئنز ٽرافي: پاڪستان جو ٽاس کٽي ڀارت خلاف بيٽنگ جو فيصلو

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي جي ميگا ايوينٽ چيمپئنز ٽرافيءَ جي سڀ کان وڏي مقابلي جي لاءِ دبئي ۾ ميدان سجائجي ويو، پاڪستاني ڪپتان پاران ڀارت خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

آءِ سي سي چيئمپئنز ٽرافي جي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏجندڙ پنجين ميچ ۾رايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون آهن، ميچ پاڪستان وقت موجب 2 وڳي شروع ٿيندي.

پي سي بي چيئرمين محسن نقويءَ دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڳالهائيندي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته پاڪستان هيءَ ميچ ضرور کٽيندو.

سندس چوڻ هو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم پوري طرح تيار ۽ فارم ۾ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان کٽي وڃي اهو ئي وڏو انعام آهي.

Related posts

Leave the first comment