خيبرپختون خواه ۾ ٻه الڳ الڳ آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 4 اهلڪار شهيد

خيبرپختون خواه (نيشنل ڊيسڪ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختون خواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻه ڪارروايون ڪيو جنهن دوران 15 خارجي دهشتگرد مارجي ويا ۽ لفيٽيننٽ سميت 4 فوجي جوان به شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڊي آءِ خان جي علائقي هٿالا ۾ ڪيو ويو.

سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران خارجي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز سان نشانو بڻايو ويو.

آپريشن ۾ انتهائي گھربل دهشتگردن سميت 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويندڙ خارجي دهشتگردن ۾ فرمان عرف ثاقب، امان الله عرف طوري، سعيد عرف لياقت ۽ بلال شامل آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي ٻي ڪارروائي ۾ اتر وزرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ ڪئي وئي.

ميران شاهه ۾ ٿيندڙ ڪارروائي دوران دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 6 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.

خارجي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ لفٽينينٽ محمد حسان اشرف پنهنجي دستن جي قيادت ڪندي جام شهادت ماڻي.

شهيدن ٿيندڙ اهلڪارن ۾ نائب صوبيدار محمد بلال، سپاهي فرحت الله ۽ سپاهي همت خان شامل آهن.

Related posts

Leave the first comment