سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگرد حملن جو سبب ٽي ٽي پي جي افغان طالبان پاران لاڳيتو مدد آهي: يو اين او

نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرد حملا وڌڻ جو سبب پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي افغان طالبان جي لاڳيتو مالي ۽ لاجسٽڪ مدد آهي.

گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ٽي پي جي افغانستان ۾ موجودگي ۽ طاقت برقرار آهي، 2024 دوران هُن پاڪستان ۾ 600 کان وڌيڪ حملا ڪيا، افغان طالبان ٽي ٽي کي ماهوار 43 هزار ڊالر فراهم ڪري رهي آهي.

رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته افغانستان جي صوبي ڪنر، ننگرهار، خوست ۽ پڪتيڪا ۾ ٽي ٽي پي جا نوان تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.

رپورٽ ۾ بلوچستان لبريشن آرمي جي مجيد برگيڊ جي داعش ۽ اوڀر ترڪستان اسلامي تحريڪ سان ڳٺجوڙ ۽ ان کي افغانستان مان ملندڙ مدد جو به انڪشاف ٿيو آهي.

Related posts

Leave the first comment