هانيه عامر جي ”جل پري“ اسٽائل فوٽو شوٽ تي سخت تنقيد

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) مشهور اداڪارا هانيه عامر جي بولڊ ”برٿ ڊي“ فوٽو شوٽ تي کيس سخت تنقيد سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

سلسلي وار ڊرامي ”ڪڀي مين ڪڀي تم“ وسيلي ڏسندڙن جون دليون کٽيندڙ مشهور اداڪارا تازو ئي پنهنجي سالگرهه ملهائي.

ڊمپل گرل پنهنجي برج موجب ڀيٽ رکندڙ ٿيم ”مرميڊ“ تي فوٽو شوٽ به ڪرايو. پر کيس بولڊ فوٽو شوٽ ڪرائڻ ۽ پوءِ ان کي انسٽاگرام تي شيئر ڪرڻ ڪافي مهانگو پئجي رهيو آهي.

تصويرن ۾ کيس جل پريءَ جي انداز ۾ ڏسي سگھجي ٿو، هانيه پاڻيءَ ۾ هڪ چمڪدار پلاسٽڪ جھڙو لباس پائي تري رهي آهي، جنهن کان پوءِ سندس چاهيندڙ کانئس ناراض ٿي ويا آهن.

گھڻن ماڻهن هانيه عامر جي فوٽو شوٽ کي اخلاقايات کان عاري قرار ڏيندي مٿس سخت تنقيد ڪئي ۽ اهو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي.

ڪجھه صافن جو ته اهو چوڻ هوته ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اهڙي حرڪت ڪئي وئي آهي. هڪ صارف ته کيس پلاسٽڪ سرجريءَ جو دڪان به چئي ڇڏيو.

Related posts

Leave the first comment