ٽه ملڪي سيريز ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي هارائي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي هارائي فائنل ۾ پهچي ويو.

ٽرائينگيولر سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ ۾ قومي ٽيم رڪارڊ هدف حاصل ڪندي ڏکڻ آفريڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني.

شاهينن 353 رنس جو هدف رڳو چئن وڪيٽن جي نقصان تي 49 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، ڪپتان محمد رضوان 122 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو.

نائب ڪپتان سلمان علي آغا ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي ۽ هو 134 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو، بابراعظم 23، سعود شڪيل 15 ۽ فخر زمان 41 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا.

Related posts

Leave the first comment