سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ڪراچي ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ڪراچي ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز جو دورو، شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري.

گهرو وزير کي سنڌ رينجرز پاران آپريشنل تيارين،  اوڀرندي سرحد، سنڌ جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن، اسمگلنگ کي روڪڻ، پاڻي چوري خلاف آپريشن ۽ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي کي بريفنگ ڏني وئي.

محسن نقوي چيو ته سنڌ سميت ڪراچي ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا ويندا.

Related posts

Leave the first comment