يارولنڊ پوليس جي ڪارروائي، پنجاب واسي 2 عورتون بازياب

ڳوٺ گوپو پتافي ۾ گهر تي ڇاپو هڻي ٻن عورتن کي بازياب ڪرايو آهي: پوليس

يارولنڊ (ويب ڊيسڪ) يارولنڊ پوليس ڪارروائي ڪري پنجاب واسي 2 عورتون بازياب ڪرائي ورتو.

پوليس موجب ڳوٺ گوپو پتافي ۾ گهر تي ڇاپو هڻي ٻن عورتن کي بازياب ڪرايو آهي، بازياب ڪرايل عورتن ۾ افشان عرف راني آرائين ۽ اقرا شامل.

عورتن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي اغوا ڪندڙ ٽولي نشو ڏئي اغوا ڪرڻ بعد بشير پتافي کي وڪرو ڪيو، بشير پتافي به کين وڪرو ڪرڻ وارو ھو.

Related posts

Leave the first comment