ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ سنڌ تي اثر انداز ٿي رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو خراب سماجي ۽ معاشي صورتحال مان گذري رهيا آهن، موسمياتي تبديلي جا چئلينجز آڏو آهن، چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ضروري آهي. سنڌ حڪومت چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته توانائي جو بحران ملڪي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ بڻيل آهي، وڏن ترقياتي منصوبن لاءِ وفاقي حڪومت جي سهڪار ضروري آهي، جنهن لاءِ وفاق پاران فنڊ ۽ مدد گهرجي ٿي، وڏي وزير پاران ڪراچي ۾ 8 هزار اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.
Related posts

هميشه قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو: جسٽس صلاح الدين پنهور
February 12, 2025
پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف درخواست تي وفاق ۽ ٻين اختيارين کي نوٽيس جاري
February 26, 2025

