لاهور (نيشنل ڊيسڪ) پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ ٻين اختيارين کي نوٽيس جاري، جواب طلب.
لاهور هاءِڪورٽ صحافي تنظيم جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، پيڪا بل لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ۽ صحافي تنظيمن جي مشاورت بنا آندو ويو.
درخواست گذار گهُر ڪئي ته پيڪا ترميمي ايڪٽ آئين ۾ ڏنل اظهار جي آزادي جي تحفظ سان ٽڪراءَ ۾ آهي، پيڪا ترميم ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
درخواست گذار چيو ته پيڪا ترميم ايڪٽ تحت ٿيندڙ ڪاررواين کي درخواست جي قطعي فيصلي سان مشروط ڪيو وڃي.


