Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پي آءِ اي کي خانگائڻ جون ٻيهر تياريون شروع

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) قومي ايئر لائين کي خانگائڻ جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گذريل ٻولي ۾ حصو وٺندڙ پارٽيون نئين ٻولي ۾ به حصو وٺڻ لاءِ تيار، قومي اسيمبلي جي خانگائڻ بابت قائمه ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نجڪاري ۾ 45 ارب رهتون ۽ 18 سيڪڙو جي ايس ٽي رڪاوٽ بڻي، نجڪاري ڪميشن جو چوڻ آهي ته ملازمن کي هر صورت ۾ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان ڪري گذريل ڀيري ٻولي لڳائيندڙ 2 ڄڻا هليا ويا هئا.

Related posts

Leave the first comment