سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

95 سيڪڙو علائقن کي گئس ڏني پئي وڃي، 5 سيڪڙو علائقن مان شڪايتون اچي آهن: ايس ايس جي سي ترجمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سحري ۽ افطاري مهل گئس جي بندش، عوام ڏکيائين جو شڪار.

ڪراچي جي لياقت آباد بي ايريا، فيڊرل ڪيپٽل ايريا ۽ نارٿ ناظم آباد سميت مختلف علائقن ۾ گئس فراهمي بند ٿي وئي.

حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي مختلف علائقن ۾ به گئس جي بندش سبب سحري ۽ افطاري ۾ ڏکيايون پيش.

ايس ايس جي سي جي ترجمان گئس بندش جي ترديد ڪندي چيو آهي ته گئس فراهمي معمول مطابق جاري آهي.

سندس چوڻ هو ته 95 سيڪڙو علائقن کي گئس ڏني پئي وڃي، رڳو 5 سيڪڙو علائقن مان شڪايتون اچي رهيون آهن.

Related posts

Leave the first comment