ڪچي پل ۾ سيف الله مگسي برانچ ۽ ان مان نڪرندڙ ڍوري شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج، جمعيت علماءَ اسلام جي سڏ تي سياسي سماجي مذھبي تنظيمن طرفان گوادر موٽروي باءِ پاس ڪچي پل تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سارين جي پوکائي جي مند پڇاڙي ٿي آهي پر ھن مھل تائين پاڻي نه پھچڻ ڪري ھزارين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿيڻ جو خدشو آھي، نوٽيس وٺي سيف الله مگسي برانچ ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي


