ڪي پي جي گورنر جو رمضان ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ تي وزيراعظم کي خط

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي جي گورنر رمضان ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ تي وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو.

فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم شهباز شريف کي خط ۾ لکيو آهي ته خيبرپختونخواهه وافر مقدار ۾ بجلي ۽ قدرتي گئس پيدا ڪندڙ صوبو آهي.

ڪي پي جي وسيلن مان پيدا ٿيندڙ بجلي ۽ گئس کان صوبي کي محروم رکيو پيو وڃي.

سحري، افطاري ۽ عبادت جي وقت بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ سبب شهري عذاب ۾ آهن.

خط ۾ گورنر وڌيڪ ڄاڻايو ته رمضان مهيني جو تقدس گهر ڪري ٿو ته شهرين کي پرسڪون ماحول فراهم ڪيو وڃي.

Related posts

Leave the first comment