ڳوٺ بھادر خان چاچڙ ۾ جوابدارن اصغر علي چاچڙ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ويجھو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو.
ڳوٺ بھادر خان چاچڙ جي گوليمار واري علائقي ۾ جوابدارن اصغر علي چاچڙ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.
مقتول نوجوان جي وارثن انڊس هاءِ وي باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن جو مطالبو هو ته نوجوان جي قاتلن جي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.




