ڪنڊياري ۽ سجاول جوڻيجو ۾ روڊ حادثن دوران 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ڪنڊيارو (ويب ڊيسڪ) ڪنڊياري ۽ سجاول جوڻيجو ۾ روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه تي ڊگري ڪاليج موڙ وٽ موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو.

ڳوٺ عثمان سولنگي واسي عبدالغني سولنگي حياتي وڃائي ويٺو جڏهن ته پيارو سولنگي زخمي ٿي پيو.

سجاول جوڻيجو ڀرسان ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب ڪوئيٽا واسي ڊرائيور عبدالحنان فوت ٿي ويو.

Related posts

Leave the first comment