ڪراچيءَ ۾ ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت، ٻه زخمي

رئيس ڳوٺ ۾ ٽرڪ اسڪوٽر سوار کي ٽڪر هنيو، اورنگي ۾ ٽينڪر موٽر سائيڪل سوار کي ٽڪر هنيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي شهر ۾ هڪ ڪلاڪ دوران مختلف علائقن ۾ 2 حادثا، ٻه ڄڻا فوت، ٻه زخمي ٿي پيا.

رئيس گوٺ ويجهو ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄنو زخمي ٿي پيو.

اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا 11 ۾ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

ٻنهي حادثن جي فوتين ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، ٽرڪ ۽ ٽينڪر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب.

Related posts

Leave the first comment