ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران 2 ڏينهن اندر 8 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 7 ڄڻا زخمي

لياري موسيٰ لين ۾ عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا، عورت ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران ٻن ڏينهن اندر مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب لياري موسيٰ لين ۾ عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا، عورت ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

منظور ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙو فوت، نيو ڪراچي سيڪٽر 11 جِي ۾ گهر اندر ڪرنٽ لڳڻ سبب 40 ورهين جو گلفام اجل جوشڪار ٿيو.

گولي مار فردوس ڪالوني ۾ دڪان ۾ ڪرنٽ لڳڻ سان 22 ورهين جو مير جان حياتي وڃائي ويٺو، سائٽ ايريا ليبر اسڪوائر ڪمپني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 22 ورهين جو ڪامران زخمي ٿيو.

سرجاڻي خدا جي بستي ۾ گهر اندر ڪرنٽ لڳڻ سان 21 ورهين جو احمد دم ڌڻي حوالي ڪيو، ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 17 ورهين جو مدثر فوت ٿيو.

Related posts

Leave the first comment