چيني شهرين تي حملي ۾ ملوث خارجي فتني سان تعلق رکندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا، ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ سي ٽي ڊي جو هڪ گهر تي ڇاپو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، سي ٽي ڊي انچارج جو چوڻ آهي ته ڪارروائي پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جِي موجودگي جَي اطلاع تي ڪئي وئي، ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ زعفران ۽ قدرت الله جَي نالن سان ٿي، دهشتگرد زعفران تي حڪومت طرفان ٻه ڪروڙ رپيا انعام رکيل هو، مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ آپگهاتي بمبار هو، مارجي ويل دهشتگردن گذريل سال چيني شهرين تي حملو ڪيو هو، مارجي ويل دهشتگردن وٽان ڪلاشنڪوف، پستول، هينڊ گرنيڊ، آپگهاتي جيڪٽ ۽ ڊائري برآمد


