ڀارت ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ايڪس اڪائونٽ تي پابندي لڳائي وئي

بلاول ڀٽو زرداري جو اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ مان ثابت ٿيو ته مودي پ پ چيئرمين کان ڊنل آهي: بلاول هائوس

ممبئي (انٽرنيشنل نيوز) مودي سرڪار ڀارت ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ايڪس اڪائونٽ تي پابندي مڙهي ڇڏي.

بلاول هائوس جي ترجمان پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ مان ثابت ٿيو ته مودي پ پ چيئرمين کان ڊنل آهي.

ثابت ٿيو ته ڀارت غير جمهوري ملڪ  ۽ اُن جو وزيراعظم انتهائي بزدل ماڻهو آهي،پهلگام واقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جي بيان مودي جو هاضمو خراب ڪري ڇڏيو.

بلاول هائوس جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پ پ چيئرمين گجرات جي ڪاسائي کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو.

Related posts

Leave the first comment