Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير ڳوٺ نچڻپور پهتا، ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺهيل گھرن جو دورو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ٻوڏ متاثرن کي گھرن جي مالڪاڻن حقن وارا دستاويز پڻ ڏنا

سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڳوٺ نچڻپور آمد.

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳوٺ نچڻپور ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺاهيل گهرن جو دورو ڪيو، ساڻس وڏو وزير مراد علي شاهه به گڏ هو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي هٿ جو هنر ڪندڙ عورتن هنر بابت ٻڌايو  ويو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ٻوڏ متاثرن کي گھرن جي مالڪاڻن حقن وارا دستاويز پڻ ڏنا.

ان موقعي تي پ پ چيئرمين سان گڏ سيد خورشيد احمد، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد ناصر حسين شاهه ۽ٻيا وزير پڻ گڏ هئا.

Related posts

Leave the first comment