سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پوليو کان بچاءُ جي قومي مهم سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ جاري، سيڪيورٽي جا انتظام سخت

هلندڙ سال پوليو جا 6 ڪيس ظاهر ٿيا هئا، اختيارين جي والدين کي پوليو مهم ۾ سهڪار جي اپيل

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پوليو کان بچاءُ جي قومي مهم، سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا پيا وڃن.

پوليو جي خاتمي خلاف مهم 27  اپريل تائين جاري رهندي، پوليو مهم ۾ هزارين ورڪر حصو وٺي رهيا آهن.

ڦڙا پياريندڙ ٽيمن جي سڪيورٽي جا انتظاما سخت، هلندڙ سال پوليو جا 6 ڪيس ظاهر ٿيا هئا، اختيارين جي والدين کي پوليو مهم ۾ سهڪار جي اپيل ڪئي وئي آهي.

Related posts

Leave the first comment