Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پشاور: هوٽل ۾ سئلينڊر ڌماڪو، 12 ڄڻا زخمي

پشاور (نيشنل ڊيسڪ) پشاور ۾ خيبر ٽيچنگ هاسپيٽل (ڪي ٽي ايڇ) ويجھو هوٽل ۾ سئلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميڊيائي رپورٽن موجب ريسڪيو 1122 جي ترجمان بلال فيضي موجب ڪي ٽي ايڇ ويجھو هوٽل سئلينڊر ڌماڪو ٿيو، اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ايمبولينس ۽ فائر ويڪل موقعي تي پهچي وئي ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون. هن چيو ته ابتدائي طور زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فائر فائيٽرز جلد ئي باهه تي قابو آڻي ورتو آهي.

Related posts

Leave the first comment