پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري معاهدو طئه ٿي ويو، معاهدي تحت ٻھ طرفي واپار، منڊي تائين رسائي ۾ اضافو، سيڙپڪاري ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي، ناڻي واري وزارت موجب اِها اڳڀرائي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي آمريڪي واپار واري وزير هاورڊ لوٽنڪ ۽ آمريڪي واپاري نمائندي جيميسن گرير سان ملاقات دوران ٿي، پاڪ آمريڪا معاهدي جي نتيجي ۾ گڏيل ٽيرف خاص طور آمريڪا ۾ پاڪستاني شين تي لڳندڙ ٽيرف ۾ گهٽتائي ايندي، معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ٻين ۾ اقتصادي سهڪار جي هڪ نئين دور جي شروعات جو سبب بڻجندو


