پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام لاءِ ڳالهين جو اهم مرحلو شروع، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف جي وفد سان ملاقات، آءِ ايم ايف وفد کي معاشي بحالي ۽ جاري سڌارن بابت آگاهي، آءِ ايم ايف کي گورننس اينڊ ڪرپشن ڊائگناسٽڪ اسسمنٽ رپورٽ جلد جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ويئي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي رپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير جي سببن کان به آگاهه ڪيو ويو، آءِ ايم ايف جو وفد اسٽيٽ بينڪ جي اختيارين سان به ملاقات ڪندو


