پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 14 رنسن تان شڪست ڏيئي ٽي ٽوئنٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي، آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر ۾ لائوڊر هل ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽيم مقرر اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون، ويسٽ انڊيز ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهي سگهي، پاڪستان طرفان صاحبزاده فرحان 74 ۽ صائم ايوب 66 رنسن سان نمايان رهيا



