Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ٽرمپ روس سان يوڪرين جنگ تي ڳالهائڻ جو خواهشمند، پيوٽن خاموش

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس سان يوڪرين جنگ تي ڳالهائڻ جو خواهشمند آهي پر اهو واضح نه آهي ته صدر ولاديمير پيوٽن به ان ۾ دلچسپي رکي ٿو يا نه. عرب نيوز موجب صدر ولاديمير پيوٽن جي يوڪرين تي حملي جي تقريبن 3 سالن کان پوءِ روسي فوج جنگي ميدان ۾ لاڳيتو اڳڀرائي ۽ ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، ڪيف اهلڪارن ۽ هٿيارن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، نئون آمريڪي صدر جلد ئي يوڪرين جي فوجي امداد جي فراهمي روڪي سگھي ٿو. روس ۽ اولهه جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پيوٽن جنگ سبب ٿڪل ملڪ يوڪرين ۾ پنهنجن مقصدن جي حاصلات جي اڳ کان وڌيڪ ويجھو پهچي ويو آهي ۽ سندس ڳالهين جي ميز تي اچڻ جا امڪان تمام گھٽ آهن.

Related posts

Leave the first comment