– وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران پوليس جي شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس جا اهلڪار صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، سنڌ سرڪار پوليس جي شهيدن جي قربانين کي ناهي وساريو، پوليس جي شهيدن جي پيڪيج ۽ فائدن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، شهيد پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي هو سنڌ پوليس جي شهيدن جي خاندانن سان ٻڌي جو اظهار ڪري ٿو، قومون ڪڏهن به پنهنجن هيروز کي ناهن وسارينديون، امن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ آفيسر قوم جا هيرو آهن



