وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان مواصلات واري وفاقي وزير عليم خان جي ملاقات

ايم-6 موٽروي، نيشنل هاءِ وي، ڄامشورو-سيوهڻ روڊ، لياري ايڪسپريس وي ۽ ٻين منصوبن تي ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان مواصلات واري وفاقي وزير عليم خان جي ملاقات.

ايم-6 موٽروي، نيشنل هاءِ وي، ڄامشورو-سيوهڻ روڊ، لياري ايڪسپريس وي ۽ ٻين منصوبن تي ڳالهه ٻولهه.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي کان پشاور ۽ لاهور تائين موٽروي ضروري آهي، ايم-6 وزيراعظم جِي هدايت تي منظور ٿيو پر ان تي هن وقت تائين ڪم شروع ناهي ٿيو.

وفاقي وزير چيو ته ايم-6 کي 5 سيڪشنن ۾ ورهايو ويو  آهي،3  سيڪشنز جي فنڊنگ مڪمل ٿي چڪي آهي، ٻِن تي ڪم جاري  آهي.

Related posts

Leave the first comment