وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ ۽ چيني عملي جَي تحفظ کي ترجيح ڏي ٿو، سي پيڪ فيز ٽو جي منصوبي سان نوجوانن لاءِ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، گلگت ۾ سولر منصوبي سان لوڊشيڊنگ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ گهٽتائي ٿيندي: بيجنگ ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري جي فريم ورڪ تحت 14هين گڏيل تعاون ڪميٽي جو اجلاس، ٻنهي ملڪن جا وزير، لاڳاپيل کاتن جا عملدار ۽ ماهر شريڪ، اجلاس جِي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سي پيڪ فيز ون ۾ 8 هزار ميگاواٽ بجلي، 8 سئو 88 ڪلوميٽر روڊ ۽ گوادر جي ترقي وارا منصوبا مڪمل ٿيا، گوادر هڪ ماهيگيرن جي علائقي مان پاڪستان جو ميري ٽائيم گيٽ وي بڻجي چڪو آهي، ايم ايل ون جو جديد ريلوي جو نظام نئين جان آڻيندو، پاڪستاني نوجوانن لاءِ 10 هزار پي ايڇ ڊي اسڪالرشپس ۽ انو ويشن سينٽر قائم ڪيا ويندا




