Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان

-وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان روانو، وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران اقتصادي تعاون تنظيم جي 17 هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪندو، نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سڌسماءَ بابت وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ ٻيا وفد ۾ شامل، وزيراعظم، علائقائي ۽ عالمي چئلينجز تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف اِي سي او ويزن 2025 لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندو، وزير اعظم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اِي سي او ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو، جنهن ۾ هو علائقائي واپار، توانائي ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏيندو

Related posts

Leave the first comment