وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ واري صورتحال بابت هنگامي اجلاس، اين ڊي ايم اي چيئرمين جي ٻوڏ واري صورتحال تي بريفنگ، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ٻوڏ صورتحال جي اڳواٽ اطلاع جاني ۽ مالي نقصان کان بچايو، اڳواٽ اطلاع پهچائڻ جو سلسلو وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ جاري رکيو وڃي، اين ڊي ايم اي پنجاب جي متاثر علائقن لاءِ 5 هزار تنبو فراهم ڪيا آهن، ٻيو ضروري سامان پهچائڻ جو سلسلو به جاري رکيو وڃي، وفاقي وزير پنهجن تڪن ۾ رهي ماڻهن جي لڏپلاڻ، ريسڪيو، رليف جي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪن




