وزيراعظم شهباز شريف جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان رابطو، سنڌ ۾ برسات سبب جاني نقصان تي افسوس جو اظهار، وزيراعظم پاران بلاول ڀٽو زرداري کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر قسم جي سهڪار جي آڇ، وزيراعظم جي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت، شهباز شريف هدايت ڪئي ته اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي کي هر قسم جي مدد ڪري، اين ڊي ايم اي ماڻهن کي امڪاني خطرن جي اڳواٽ آگاهي ڏئي، وزيراعظم جو خالد مقبول صديقي ۽ حافظ نعيم الرحمان سان به رابطو


