اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال سنگين آهي، ڀارت ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري رهيو آهي، پاڪستان هميشه پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺو رهندو. صدر آصف علي زرداري جو ڪشمير ڏهاڙي تي پيغام ۾ چيو ته هو ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي، ڪشميري خوف ۽ دهشت جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، عالمي برادري ڀارت تي ڪشميري عوام کي آزادي سان پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهي.
Related posts

لبيا ٻيڙي حادثي ۾ 7 پاڪستانين جي مارجڻ جي تصديق
February 11, 2025

ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ واري سياست هميشه لاءِ دفن ٿي ويندي: خواجا آصف
February 21, 2025
