همايون ڀرسان شڪارپور ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو، جعفر ايڪسپريس جون 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ٽريڪ متاثر، ٽرينن جِي آمدرفت معطل، ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس واقعي واري هنڌ موجود، امدادي ڪارروايون جاري، وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ جِي هدايت، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ڌماڪو رياست خلاف ڪارروائي آهي، ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، ڪنهن کي به معاف نه ڪيو ويندو


