هالا ڀرسان هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا دٻجي فوت، هڪ زخمي

هالا (ويب ڊيسڪ) ھالا ڀرسان ھوٽل جي ڇت ڌماڪي سان ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

ڳوٺ لقمان ڪوريجا ۾ ھوٽل جي ڇت اوچتو ڪري پئي، ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا ڀورل ڪوريجو ۽ راشد ڪوريجو موقعي تي فوت ٿي ويا.

حادثي ۾ رفيق ڪوريجو زخمي ٿي پيو، فوتين جا مڙهه گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment