سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

هالاڻي ويجهو حادثو، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

جوڳين واري اسٽاپ تي تيز رفتار گاڏي جو ڪار کي ٽڪر، حادثي سبب ڪار سوار ٻه ڀائر حسن ۽ علي مراد ڏوٻل سخت زخمي ٿي پيا

هالاڻي (ويب ڊيسڪ) هالاڻي ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

جوڳين واري اسٽاپ تي تيز رفتار گاڏي ڪار کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٻه ڀائر حسن ۽ علي مراد ڏوٻل زخمي ٿي پيا.

زخمين کي گمبٽ اسپتال نيو ويو، جتي حسن ڏوٻل دم ڏئي ڇڏيو، زخمي علي مراد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment