سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اڄ کان 21 مئي تائين چين جو دورو ڪندو

پاڪستان، چين ۽ افغانستان جا پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ ملاقات ڪندا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اڄ کان 21 مئي تائين چين جو دورو ڪندو.

پاڪستان، چين ۽ افغانستان جا پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ ملاقات ڪندا، اسحاق ڊار اڄ چين جي دوري  بيجنگ  ويندو.

اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چيني  پرڏيهي  وزير سان  ڳالهيون ڪندو، افغانستان جو  وقتي پرڏيهي وزير اعظم خان متقي 20 مئي تي چين پهچندو.

پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي  وزيرن وچ ۾ بيجنگ  ۾ ملاقات رٿيل.

ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي هٿي، سهڪار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.

ٽنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات دوران پاڪ-ڀارت تڪرار کان پوءِ واري صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويندو.

Related posts

Leave the first comment