ميرپور ماٿيلي ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، 2 ٻارڙيون فوت، عورتن سميت 19 ڄڻا زخمي، رونتي ويندي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ ٻارڙيون رخسانه ۽ ثاني فوت ٿي ويون، زخمي ٿيل عورتون ۽ مرد اسپتال منتقل، پورهيت خيرپور کان واپس رونتي وڃي رهيا هئا ته مسو واهه قومي شاهراهه تي حادثو پيش آيو


