– ملڪ ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سخت برساتن جو خدشو ظاهر، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مون سون جون هوائون سنڌ جي اڪثر حصن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، اڄ دادو، قمبرشهدادڪوٽ ۾ گجگوڙ سان مينهن وسڻ جو امڪان آهي، سڀاڻي کان ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ وسڪارو ٿي سگهي ٿو، 19 جولاءِ تي ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ ۽ سجاول ۾ به مينهن پئجي سگهي ٿو، اين ڊي ايم اي ترجمان موجب راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 24 کان 48 ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان تيز برسات جو امڪان آهي، لاهور، چڪوال، اٽڪ، جهلم، خوشاب، سرگوڌا، فيصل آباد ۽ ٻين شهرن ۾ امڪاني سخت برساتن سبب شهرن توڙي ندي نالن ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو خدشو آهي، لاڳاپيل ادارا وقت سر قدم يقيني بڻائين


