سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات ۽ برفباري

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري.

راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات، مري ۽ گليات ۾ گذريل رات کان برفباري.

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي.

فيصل آباد، سرگوڌا، گجرانوالا، گجرات، حافظ آباد ۾ وسڪاري بعد ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي.

ٻئي طرف آزاد ڪشمير، مظفرآباد ۾ به برسات پئي، هوڏانهن وادي نيلم ۾ هلڪي برفباري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

Related posts

Leave the first comment