فرانس ۽ برطانيا کانپوءِ ڪئنيڊا به فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ تي مشروط طور راضي، ڪئنيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني جو چوڻ آهي ته ڪئنيڊا سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، وائيٽ هائوس ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ سمجهي ٿو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ سان حماس کي انعام ملندو، حماس کي انعام نه ملڻ گهرجي، اسرائيل فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ بابت ڪئنيڊين وزيراعظم جو بيان رد ڪري ڇڏيو، اسرائيلي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڪئنيڊين حڪومت جي موقف ۾ تبديلي سان غزا ۾ جنگبندي جي ڪوششن ۽ يرغمالين جي آزادي جي فريم ورڪ کي نقصان ٿيندو


