ظاهري طور لڳي ٿو ته هتي ڪو نظام موجود ناهي،سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ڪراچي ۾ مک روڊن تي چنگچي رڪشائن تي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، چنگچي رڪشائن سبب ٽرئفڪ جو نظام ڏکيائين جو شڪار آهي، ڪجهه هنڌن تي پابندي لڳائي وئي هئي، هر هنڌ پابندي ناهي:سرڪاري وڪيل جو موقف، جڏهن پابندي لڳائڻي هئي ته سموري شهر ۾ لڳايو ها، ظاهري طور لڳي ٿو ته هتي ڪو نظام موجود ناهي جنهن سبب ڏکيائيون آهن، بهتر اهو ئي آهي ته سمورن ماڻهن سان ڳالهيون ڪري معاملي کي حل ڪريو:عدالت جو حڪم، عدالت درخواست تي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي


