صدر مملڪت چين جي سرڪاري دوري تي چنگدو پهچي ويو، آصف علي زرداري دوري دوران چيني قيادت سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ٿينديون، پرڏيهي ترجمان موجب، ملاقاتن ۾ پاڪ چين لاڳاپن ، اقتصادي ۽ واپاري سهڪار تي به ڳالهيون ٿينديون، سي پيڪ ۽ مستقبل جا رابطا ڪاري منصوبا به غور هيٺ ايندا




