صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي نسل در نسل اڳتي وڌندي رهندي ۽ ڪو به مخالف ان لاڳاپن کي نقصان پهچائي نٿو سگهي، پاڪ چين لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ سگهارا ٿيندا، صدر آصف علي زرداري جي شنگھائي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سيڪريٽري سان ملاقات، ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي، هٿرادو ذهانت ۽ جدت تي خيالن جي ڏي وٺ، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پڻ صدر سان گڏ هئا، صدر آصف زرداري جي مفاهمت جي 3 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت، سندس چوڻ آهي ته اهي ايم او يوز پاڪ- چين زرعي، فني ۽ ماحولياتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عملي ڪوشش آهن




